top of page

سال جي آخري شام

مختیار آریسر

Feb 29, 2024

وڄندڙ فون جي گهنٽي اڄ ھميشه لاء خاموش ٿي وئي۔

مون جي ۽ سارا جي لازوال محبت کي اڄ چوٿون سال آھي

سارا قسط (01)


وڄندڙ فون جي گهنٽي اڄ ھميشه لاء خاموش ٿي وئي۔

مون جي ۽ سارا جي لازوال محبت کي اڄ چوٿون سال آھي

۽ اڄ پھريون دفعو ائين محسوس پيو ٿي ته سارا مون کان ڏور ھلي وئي آھي۔

وقت جي ڪنهن اھڙي چڪرويو ۾ جنهن ۾ اھيو ته مڃبو آھي ته دنيا گول آھي۔۔

پر اگر ھڪ دفعو ڪنهن جو ھٿ ڇڏائجي ويو ٿه اھو ھميشه لاء پرايو ٿي وڃي تو۔

جنهن کي ڳولڻ لاء وقت نه پر موت جي ضرورت آھي۔ پر اگر جي موت کان پوء به نه ھو مليو ته منهنجو مرڻ به اجايو آ۔

اڄ آئون پاڻ اندر ھڪ اڻ تڻ محسوس ڪري رھيو آھيان ۔ڄڻ مون جي وجود ۾ سحراه ساھ کڻن پيا آئون ۔ مٽي جي ديس جو ماڻھون آھيان منهنجي وجود ۾ جبل ڪتان آھيان ۔ سارا اڪثر مون کان ناراض ٿيندي آھي پر آئون ھن کي جلد ئي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آھيان۔ ھو اڪثر رسڻ محل مون جي اڳيان زاروڪتار روئندي ھئي۔

آئون کيس خاموش ڪرائيندي چوندو ھو چري روئين ڇوٿي ؟

سارا ڳوڙھا اڳندي چوندي ھئي۔،،،،،،،

چريا محبت دلين کي احساس بخشندي آ۔

۽ اھيو احساس آ جيڪو مون کي توسان محبت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو۔ مون جي محبت جو ثبوت اھيي ڳوڙھا آھن ۔

سارا وقت ڏاڊو بي رحم ٿيندو آ۔

اڄ تنهائي ۾ ٻڏل ھي منهنجو ڪمرو پلنگ تي منهنجو وجود تو کي ياد ڪندي ھزارين ميل يادن جو سفر ڪري آخر ڪار ڀٽڪندي واپس موٽن ٿا ۔

مون ائين ڪڌھن به نه سوچيو ھو ته تارن جي ھن سنسار ۾ تنهنجو ھٿ منهنجي ھٿ مان ھميشه لاء ڇڏائجي ويندو ۔

سارا کي مون سمجهائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته ھن نفرتن جي جڙيل ھن جهان ۾ محبت جو علم بلند ڪندڙن جو حشر منصور جهڙو ڪيو ويندو آھي،،،،،،

مثنوعي مسڪراھٽون چھرن تي سجائي گهمندڙ ماڻھون بگھڙ مرون مثل آھن۔ تون معصوم آھين سمونڊن پار جي ڇوڪري خبر ناھي ھتي ڪيئن نازل ٿي پئي ھئي۔


bottom of page